دروت لڪ

دروت لڪ: لڪي جبل جي ڏکڻ ۽ بڊي جبل جي اولهه وارين ڇاڙهن مان ڦٽي وهندڙ نئن بارڻ ڏکڻ طرف وهي ٿي، جنهن ۾ اوٿان وٽ سُڪ نئن هن سان اچي ملي ٿي ۽ ان جڳهه تي نئن اوڀر ڏکڻ طرف وهڻ شروع ڪندي آهي. هتي لڪي جبل ختم ۽ سورجاڻي جبل شروع ٿئي ٿو. جنهن هنڌ تان سورجاڻو جبل ڪجهه مڙي ڏکڻ اولهه طرف ٿئي ٿو، اتي موجود لڪ کي دروت لڪ سڏيو ويندو آهي. هن لڪ جي ڪجهه ڀاڱي مان نئن باراڻ وهندي آهي. هن لڪ ڀرسان ٻيو به هڪ ننڍڙو لڪ آهي، جنهن کي دائو لڪ سڏيو وڃي ٿو ۽ دائو ۽ دروت وٽ ڪجهه بندن (Dams) تعمير ڪرڻ جو پروگرام رٿيل آهي، پر هن وقت هيءَ رٿا سردخاني جي ور چڙهي وئي آهي.


لفظ دروت لڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو